اسلام آباد – 10 ??? ف??بروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حادثن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن کان بچڻ جي لاءِ قانونن تي عملدرآمد کي لازمي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته توهان جو خيال ٿي ??گهي ٿو ته ٽريفڪ حادثا ڪو اهم موضوع نه آهي پر جيڪڏهن اسان قانونن تي عمل نه ڪنداسين ته رستن تي موت جو شڪار ٿينداسين. صدر چيو ته سياست به ائين آ??ي، اسان جو آئين قاعدن جو مجموعو آهي. قانون ٽوڙيندڙن جي مفادن کي پورو ڪرڻ لاءِ بهانا ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ کي آئين جو پابند بڻائڻ گهرجي.