اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ورنگزيب چيو آهي ته موجوده حڪومت ٿيلسيميا کان متاثر ٻارن جي ڀلائي جي ??اء?? هر وقت ڪوشش ڪري رهي آهي، حڪومت انهن ٻارن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي ڪڏهن به رت جي کوٽ ٿيڻ نه ڏينداسين. هو پاڪستان سوئيٽ هوم بلڊ بئنڪ پاران پارليامينٽ هائوس ۾ رت جي عطيي واري ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ورنگزيب ٻين شرڪت ڪندڙن سان گڏ نمايان ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم ??ورنگزيب چيو ته اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم بلڊ بئنڪ پاران رت جي عطيي واري ڪئمپ اظهار ڪري ٿي ته اسان سڀ پارليامينٽرينز زمرد خان جي ان نيڪ ۽ عظيم مشن ۾ ان سان گڏ بيٺل آهيون، بنا ڪنهن شڪ جي اسان اهو ڏسون ٿا ته هر جڳهه تي سٺن ڪمن ۾ زمرد جو نالو پهرين صف تي اچي ٿو ۽ انهي ??اء?? الله تعاليٰ ان جي هر ڪم ۾ برڪت وڌي آهي، زمرد خان ۽ سندس پوري ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي، يقينن توهان اسان جا هيروز آهيو ۽ اسان سڀني جي ??اء?? مشعل راهه آهيو. هن چيو ته ٿيلسيميا کان متاثر ٻارن جي ??اء?? رت جو عطيو جمع ڪري مستحق مريضن تائين مفت فراهمي کي يقيني بڻائڻ يقينن هڪ عظيم ڪم آهي، پارليامينٽرينز جي وڏي انگ ۾ رت جو عطيو ڏيڻ ملڪ سان محبت جو عملي اظهار آهي ۽ ثابت ڪري ٿو ته اسان جي پارليامينٽ هر قسم جي قربانين جي ??اء?? هر وقت ڪوشش ڪري رهي آهي، آئون سمورن پاڪستانين ۽ عوام کي اپيل ڪنديس ته زمرد خان جي ان نيڪ مشن ۾ ان جو ساٿ ڏين. زمرد خان خطاب ڪندي چيو ته اڄ مون کي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ته اسان جي هي مقدس پارليامينٽ ۽ هي ايوان انسانيت جي بي لوث خدمت ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهي، آئون سمورن پارليامينٽ ميمبرن سميت اعليٰ آفيسرن ۽ خاص طور تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن اڄ منهنجي آواز تي لبيڪ چيو ۽ معصوم زندگيون بچائڻ جي ??اء?? ان عظيم مشن ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو، هي ايوان ۽ ان جي ميمبرن ٻئي اسٽاف ۽ آفيسرن مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پنهنجي ماڻهن جي تحفظ، حقن ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته رت جو عطيو ڏيڻ عظيم ??دقه جاريه ۽ عين عبادت آهي، اسان جي هوندي ٿيلسيميا، هيموفيليا ۽ بلڊ ڪينسر جي مرض سان جنگ وڙهندي معصوم ٻار اڪيلا نه آهن، ا??هن ٻارن جي ??اء?? جيڪڏهن مون کي پوري پاڪستان ۾ به وڃڻو پيو ته شهر شهر وڃي انهن جي ??اء?? رت جو عطيو جمع ڪندس، پاڪستان سوئيٽ هوم نه رڳو هزارين يتيم ٻارن جون زندگيون بدلائي رهيو آهي پر لکين ٿيلسيميا ۽ هيموفيليا جي مرض سان جنگ وڙهندڙ ٻارن جي ??اء?? جيئڻ جي اميد به آهي جن کي پنهنجي زندگي جيئڻ جي ??اء?? مسلسل رت جي عطيي جي سخت ضرورت آهي. ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان، قانون واري مملڪتي وزير شاهد حسين، وزيراعظم جي خاص معاون امير مقام، ا??ن ايم ??ي ڊاڪٽر افضل خان ڍانڍلا، ايم ??ين اي علي زاهد، ايم ??ين اي شمس الاسلام، ايم ??ين اي خان محمد جمالي، ايم ??ين اي نديم ??باس، ايم ??ين اي آسيه عظيم، ايم ??ين اي ڊاڪٽر شهناز، ايم ??ين اي اسامه قادري، ايم ??ين اي اظهر قيوم ناهرا، ايم ??ين اي راڻا مبشر، ايم ??ين اي احسان الله، پارلياماني سيڪريٽري رفيق احمد جمالي، ايم ??ين اي ڊاڪٽر نثار چيما، ايم ??ين اي طاهره اورنگزيب، ايم ??ين اي محسن رانجها، ايم ??ين اي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ايم ??ين اي ناز بلوچ، ا??ضل کوکر، راجا فاروق حيدر، روبينه عرفان، سينيٽر تاج حيدر، سينيٽر مشاهد حسين، ايم ??ين اي ڪشور زهره، ڊاڪٽر قادر خان مندوخيل سميت ٻين شخصيتن بلڊ ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ زمرد خان جي ان قدم کي ساراهيو.