اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تب??هي آڻيندڙ جنگي حڪمت عملين کان پاسو ڪرڻ ۽ پرامن حڪمت عملي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي ??رجيح هٿيارن ۽ هٿياربند فوج تي کربين ڊالر خرچ ڪرڻ ??دران موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ، بک، غربت، وبائي مرضن، بيمارين ۽ ناخواندگي جهڙن عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ گهرجي، دنيا کي بک، غربت ۽ ناخواندگي جهڙا چئلينجز درپيش اهن جنهن تي اٽڪل هڪ ٽريلين ڊالر خرچ ڪري ضابطو آڻي سگهجي ٿو جيڪو ترقي يافته دنيا جي فوجي ??رچن کان تمام گهٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ تربيت هيٺ غيرملڪي فوجي ??فيسرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي ڇو ته اهو رڳو انسانيت جي لاءِ تب??هي ۽ مصيبتون آڻي ٿي. هن ڳالهين ۽ مفاهمت جي ??رورت تي زور ڏنو جنهن سان عالمي ۽ علائقائي مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته جنگين دنيا جي مختلف خطن ۾ تب??هي مچائي آهي ۽ خاص طور تي وچ اوڀر ۽ آفريقا ٻين ملڪن پاران مڙهيل جنگين ۽ گڏيل تڪرارن جي ڪري تب??هي جو شڪار ٿيا آهن. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته دنيا ۾ پولرائيزيشن ۽ ٻيهر صف بندي ٿي رهي آهي ۽ اسرندڙ ملڪن کي عالمي دشمنين ۾ غيرجانبدار رهڻ گهرجي. علائقائي تعاون بابت ڳالهه ڪندي صدر چيو ته آسيان جهڙيون ٻيون علائقائي تنظيمون اقتصادي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ ۾ تمام موثر ۽ ڪ??مي??ب آهن پر افسوس آهي ته ڀارت جي ڏاڍ واري رويي ۽ خطي جي ٻين ننڍن ملڪن تي بالادستي قائم ڪرڻ ??ي ان جي ??واهش جي ڪري سارڪ پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي پر بدقسمتي سان ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد نه ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي ۽ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??هري آبادي جي ??لاف ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ۾ مدد ڪري. صدر دهشتگردي جي ??لاف پاڪستان جي ڪ??مي??بين ۽ قربانين تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت کي شڪست ڏني. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا پاڪستان جو سڀ کان قديم ۽ پريميئر فوجي ??ربيتي ادارو آهي، هن وقت مختلف دوست ملڪن جا فوجي ??فيسر هن ڪاليج ۾ تربيت هيٺ آهن جن ايوان صدر جو دورو ڪيو.