اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي کي ڪئناڊا، آسٽريا، شام، سربيا ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نئين سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ مو??ب ڪئناڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون، آسٽريا جي نامزد سفير مسز اينڊريا وڪ، شام جي نامزد سفير ڊاڪٽر رميز الراعي، سربيا جي غيرمقيم نامزد سفير ڊريگن ٽوڊورودڪ ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نامزد سفير لاڊيسلا وباليڪ بعد ۾ صدر سان جدا جدا ملاقات ڪئي. صدر ڪئناڊا جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ڪئناڊا سان معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ وڏي اقتص??دي صلاحي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا مو??ود آهن. هن چيو ته ڪئناڊا جي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ مو??ود موقعا ڳولڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي، ريڪوڊڪ منصوبي جو حل هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، اميد آهي ته ان سان پاڪستان ۾ ڪينيڊين سيڙپڪاري جي وڌيڪ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر سان ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ مو??ود هو. پاڪستان ۾ آسٽريا جي سفير اينڊرياوڪ پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر عار?? علوي چيو ته پاڪستان آسٽريا سان لاڳاپن کي ٻطرفو ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي سيڙپڪاري جي نظام مان آسٽريا جي ڪمپنين کي فائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته آسٽريا جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ خصوصي اقص??دي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي غور ڪن، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا مو??ود آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته نئون سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انهن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. صدر ٻطرفي واپار ۽ اقتص??دي تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان مو??مياتي تبديلي جي عالمي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آسٽريا سميت پنهنجي عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صدر شام جي سفير ڊاڪٽر رميز الراعي پڻ ملاقات ڪئي. هن پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ مختلف سطحن تي قيادت ۾ مستقل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته شام سان پاڪستان جا لاڳاپا گهڻ رخا ۽ گهري پاڙون رکندڙ آهن. صدر شامي حڪومت پاران پاڪستاني زائرين جي لاءِ گروپ ويزا کولڻ جي د??ستاڻي قدم کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ دمشق جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون هلائڻ جي فيصلي کي پڻ ساراهيو. سربيا جي غيررهائشي سفير دراگان تودوروڪ پڻ صدر عار?? علوي سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي ٻطرفا اقتص??دي ۽ واپاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان 22 ڪروڙ آب??دي تي ٻڌل هنرمند ۽ نيم هنرمند ڪارڪنن جي مثالي مارڪيٽ آهي، سربيا پاڪستان جي افر??دي قوت سان ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ فائدو کڻي سگهي ٿو، پاڪستان جا هنرمند نوجوان تع??ير??تي شعبي ۾ سربيا جي مدد ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر عار?? علوي سان سلوواڪ ريپبلڪ جي سفير لاڊيسلا وباليڪ پڻ ملاقات ڪئي. هن چيو ته اميد آهي ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. صدر چيو ته پاڪستان جي سيڙپڪاري جون پاليسيون لبرل آهن، پاڪستان جو اسٽارٽ اپ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. صدر چيو ته خصوصي اقتص??دي زونز ۾ سلوواڪ سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين.