اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهي?? احمد بابر سڌو جي خاص هدايتن تي پي اي ايف بيسز ?? ريجنل ڪمانڊر رليف ۽ بحالي جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي ح??و وٺي رهي آهي. پاڪ فضائيه جي اهلڪار ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ، رهائش، صاف پاڻي ۽ طبي امداد جي بنيادي ضرورتن جي فراهميءَ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهي. خاص طور تي پاڪ فضائيه جون ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون سول انتظاميه سا?? گڏجي سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊينگي بخار کان بچاءُ جي مهم ۾ پيش پيش آهن. پاڪ فضائيه جي ترجم??ن مطابق پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن لاءِ 4853 خيما، 416221 فوڊ پيڪيجز، 3203.67 ٽن راشن ۽ 242824 ليٽر صاف پاڻي فراهم ڪيو آهي. پاڪ فضائيه 257 اُڏامن ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 1521 ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو آهي.