اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث بخش پاشا چيو آهي ته ملينيم ڊولپمينٽ گولز ۾ صحت، تعليم، هنرمندي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، پاڻي جي نيڪالي اهم موضوع آهن، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي بهتر ت??ليم ۽ هنر سيکارڻو پوندو، ترقي جا ثمر غريب طبقي تائين نه پهچائڻ ??دق??متي آهي، اسان کي زراعت ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. بين الپارلياماني يونين جي سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 65 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان کي پنهنجي نوجوانن جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ڪ??ڻو پوندو، نجي شعبي سميت هر شعبي کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪرڻو پوندو، انساني وسيلن تي سيڙپڪاري اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هن وقت اسان ٻوڏ سان سڀ کان وڏي پئماني تي تباهي جو شڪار آهيون، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو ان کان متاثر آهن، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته هن وقت ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ 6 لک کان وڌيڪ عورتون حاملا آهن جن مان 75 هزار وٽ هن ئي مهيني ٻار جي پيدائش متوقع آهي، ان جي لاءِ طبي سهولتون گهربل آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ آواز بڻجڻ جي ضرورت آهي، ??دق??متي سان ترقي جا ثمر غريب طبقي تائين نه پهچي سگها، ايشيائي خطي جو ٽيو?? حصو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي، اڄ هڪ سٺو موقعو آهي ته غربت جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ايشيائي خطي ۾ 70ع جي ڏهاڪي ۾ غيرمعمولي ترقي ٿي.