گلگت- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته جنهن پيڪيج جو اعلان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي ماڻهن لاءِ ڪيو ويو انهي پيڪيج تي گلگت بلتستان ۾ به عمل ٿيندو ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سروي سڀ کان پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو. گلگت ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي اسان جون ڀينرون ۽ ڀائر ٻوڏ سبب هن دنيا مان هليا ويا انهن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان پرائم منسٽر پيڪيج تحت 10 لک روپين جو اعلان ڪيو ويو آ??ي، اهڙي طرح زخمين لاءِ به پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي، ??ن چيو ته ٻيو مرحلو ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ آ??ي، ان مد ۾ پي ڊي ايم اي کي ضروري سامان ڏئي ڇڏيو آهي، ??تاثرن کي عارضي رهائشگاهن يا مسواڙي گهرن ۾ ??نت??ل ڪيو ويو آهي يا ڪيو ويندو، هن چيو ته ٽيون مرحلو متاثرن جي بحالي جو آ??ي، ان مرحلي ۾ متاثر علائقن جو تفصيلي سروي ٿيندو، ملڪ جي ٻين حصن ۾ هن وقت پاڻي بيٺل آ??ي، اتي هن وقت س??و?? ممڪن نه آهي ان لاءِ سروي پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو ۽ ان کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو.