اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جمهوريه ترڪيه جو صدر رجب طيب ا??دوان پنهنجي واعدي موجب پاڪستان ??ي ٻوڏ متا??ري?? جي لاءِ انساني امداد جي مهم جي قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي ڀاءُ صدر رجب طيب ا??دوان ٻوڏ متا??ري?? جي لاءِ انساني امداد جي مهم جي قيادت ڪري رهيو آهي، ان جي قيادت ۾ ترڪيه وڏي پئماني تي امدادي سرگرميون شروع ڪيون آهن. هيستائين 6 اڏامون امداد کڻي پاڪستان پهچي چڪيون آهن. هن چيو ته سڀاڻي وڌيڪ 2 اڏامون پهچنديون، ان کانسواءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرين به انقره مان پاڪستان جي لاءِ رواني ٿي وئي آهي.