فيصل آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) فيصل آباد مان چونڊيل صوبائي اسيمب??ي ميمبر ۽ ايف ڊي اي جي ا??وڻ?? چيئرمين چوڌري لطيف نذر چيو آهي ته ڪشمير جي آزاد حيثيت جي خاتمي جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي قوم اڄ جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙو ان عزم جي تجديد سان ملهائي??دي ته ڪشمير جي آزاد حيثيت بحال ۽ ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ تائين پاڪستاني قوم پنهنجي جدوجهد جاري رکندو. قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ سان ڳالهائي??دي هن چيو ته ڪشمير گڏيل قومن جو سڀ کان پراڻو حل طلب مسئلو آهي پر عالمي ادارن ۽ عالمي قوتن والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي رياستي ڏاڍ ۽ تشدد تي مسلسل خاموشي اختيار ڪري رکي آهي. هن چيو ته جانورن تي ظلم خلاف منظم تحريڪون هلائيندڙن کي معصوم ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم نظر نه ٿا اچن جيڪي ٽن سالن کان دنيا جي سڀ کان وڏي جيل نما واديءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ٺوس حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ڪشمير مسئلي کي نئين جدت ملي آهي ۽ مسلسل سفارتڪاري دنيا کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن ??اب?? آگاهي ڏني آهي. هن چيو ته ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان وانگر فيصل آباد جي عوام به اڄ ڀرپور آواز اٿاري??دي ته جيئن مرده عالمي ضمير کي سجاڳ ڪيو وڃي. هن سول سوسائٽي تي زور ڏنو ته اهي جمعي ڏينهن الله تعاليٰ آڏو ٻاڏائي ڪشمير جي مسئلي جي مستقل حل ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ دعائون به ڪن.