پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثرين سان گڏ بيٺل آَهي ۽ آخري متاثر شخص جي بحالي ۽ آبادڪاري تائين ڪوششون جاري رکندي. هتي ميران ڊيره اسماعيل خان ۾ ٻوڏ متاثرين کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙ هر هڪ وارث کي 10 لک رپي?? جي امداد فراهم ڪري رهي آهي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت 8 لک رپيا فراهم ڪري رهي آهي. تباهه ٿيندڙ هر گهر جي لاءِ 5 لک رپيا ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيندڙ گهر جي لاءِ اڍائي لک رپيا فراهم ڪيا ويندا ته جيئن ٻوڏ متاثرين کي پنهنجي گهر?? جي نئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته معاوضي جي رقم فوتي جي زندگي جو متبادل نه آهي پر ا?? جي پونئير?? جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انهن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ٻوڏ متاثرين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، بلوچستان ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آهي جتي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هر فوت ٿيندڙ جي وارث کي 10، 10 لک رپيا معاوضو فراهم ڪري رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌري?? جي مدد سان هڪ گڏيل س??وي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن چوپائي مال، فصلن ۽ ٻين ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو اندازو لڳائي سگهجي. سروي سان ٻوڏ کان متاثر سمورن مستحق ماڻهن کي معاوضو فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ٻوڏ خاص طور تي بلوچستان ۾ مواصلاتي انفراسٽرڪچر بشمول پلين کي پڻ متاثر ڪيو آهي ج?? جي نئين سر تعمير جي لاءِ سروي پڻ ڪرائي ويندي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ تي ڪا سياست نه ڪئي ويندي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ جي ٻوڏ متاثري?? جي امداد لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. ان کان اڳ وزيراعظم کي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امدادي ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين ٻڌايو ته تازي طوفاني برساتن ملڪ ۾ 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي جنهن سان سڀ کان وڌيڪ بلوچستان متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان آرمي، فرنٽيئر ڪراپس، سول ايڊمنسٽريشن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن اين ڊي ايم اي کي مڪمل تعاون فراهم ڪيو آهي جنهن ڊي آءِ خان ۽ ٽانڪ ضلعي سميت خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثري?? جي ف??ري مدد ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته تازي ??وڏ سبب ڊي آءِ خان جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ميران جو علائقو آهي ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان?? جي سروي جاري آهي جتي ٻوڏ سبب ڪا به فوتگي ناهي ٿي جڏهن ته 293 گهرن کي نقصان پهتو ۽ 1720 ايڪڙ تي فصلون متاثر ٿيون. بعد ۾ وزيراعظم ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي ۽ مڪمل تعاو?? جي خاطري ڪرائي. ان کان اڳ وزيراعظم ٽانڪ ضلعي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو جتي هن متاثرين سان ملاقات ڪئي. کيس ٽانڪ ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم سان گڏ پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود، وزيراعظم جو سياسي ۽ عوامي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام، پي ايم ايل اين ۽ جي يو آءِ ايف جي قيادت پڻ موجود هئي.