اس??ام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ برطانيا ڪرڪيٽ سيريز ۾ پاڪستان جي کٽڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 17 سالن کانپوءِ برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان ا??ي رهي آهي، آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهي??ن ته اسان کٽينداسين. برٽش هاءِ ڪميشن ۾ ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن کانپوءِ پاڪستان ا??ي رهي آهي ۽ آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهي??ن ته اسان کٽينداسين. پاڪ برطانيا لاڳاپن جي استحڪام ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جو ڪردار ساراهه جو??و آهي، هن پاڪستان ۽ برطانيا جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جا تاريخي لاڳاپا آهن، انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن دوستاڻن لاڳاپن کي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ تعاون ڪنداسين.