اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت صدارتي ريفرنس فائل ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جي ميمبرن واضح طور تي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي آئيني حيثيت ڪهڙي هوندي، ريڪوزيش?? تي اسيمبلي اجلاس جي تاريخ ڏيڻ اسپيڪر جي صوابديد آهي، سپريم ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ اهو قرار ڏئي چڪو آهي ته ??تي نااهلي جو مدو لکيل ن??هي اتي نااهلي تاحيات هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارٽي اڳواڻن جي اجلاس کانپوءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪي ماڻهو قيد ڪيا ويا آهن کين آزاداڻي فيصلي جو اختيار هجڻ گهرجي ۽ کين آزاد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آرٽيڪل 63 ون اي تي ابهام ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان پڇيو آهي ته توهان ٻڌايو ته هارس ٽريڊنگ جي آئين اجازت ڏي ٿو يا نه، ان حوالي سان صدارتي ريفرنس به موڪلي رهيا آهيون جنه?? تي سپريم ڪورٽ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي ۽ ا?? تي عملدرآمد ڪنداسين. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ اهو قرار ڏئي چڪي آهي ته ??تي نااهلي جو مدو لکيل ن??هي اتي نااهلي تاحيات هوندي ۽ اسان سپريم ڪورٽ کان به پڇيو آهي ته جيڪي ماڻهو نااهل هوندا، ??هي ٻيهر اليڪشن وڙهي سگهندا يا تاحيات انه?? تي پابندي هوندي، هن چيو ته صدارتي ريفرنس سومر تي داخل ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ٻڌايو آهي ته شوڪاز جو پراسيس الڳ هوندو، شوڪاز نوٽيس اسپيڪر ڏانهن موڪليا ويندا، هڪ طرف اسپيڪر نااهلي جي ڪارروائي شروع ڪندو ۽ ٻي طرف سپريم ڪورٽ کي چئي رهيا آهيون ته ان ريفرنس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪري فيصلو ٻُڌائي. چوڌري فواد حسين چيو ته گهر?? وزير شيخ رشيد احمد جائز طور تي سنڌ حڪومت جي غير آئيني قدمن کان وفاق کي آگاهه ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ جي حوالي سان چيو آهي ته اهو آپشن موجود آهي، هن چيو ته تنهن هوندي به اسان فيصلو ڪيو آهي ته في الحال ا?? تي عمل نه ڪنداسين پر آئيني بحران اهڙي طرح جاري رهيو ته ا?? تي غور ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته 27 مار?? تي اسلام آباد ۾ عظيم عاليشان جلسي جو?? تياريون ڀرپور طريقي سان جاري آهن، 27 مار?? تي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اجلاس گهرائڻ اسپيڪر جو اختيار آهي، جنهن جي اڃان تاريخ حتمي نه آهي، هن چيو ته رانا ثناءُ الله 25 مار?? تي اچڻ چ??هي ته اچي وڃي، کيس پاڻي به پيارينداسين ۽ خاطر خدمت تي به غور ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرٽيڪل 63 ون اي تحت ٻه ڌار ڪارروايون ٿي ??هيون آهن، هڪ ڪارروائي نااهلي لاءِ ۽ ٻي ڪارروائي سپريم ڪورٽ کان ٻه ڌار پڇيل سوالن بابت آهي، هن چيو ته اسپيڪر وٽ اختيار آهي، هو فيصلو ڪندو ته ريفرنس جو انتظار ڪرڻو آهي يا نه ۽ تاريخ اسپيڪر مقرر ڪندو.