اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان متحده ع??ب امارات تي حوثين جي ميزائل حملي جي مذمت ڪندي ان کي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئ?? ڇڏيو آهي. وزيراعظم ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحده ع??ب امارات جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النيهان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ حوثي باغين پاران 30 جنوري تي متحده ع??ب امارات تي ميزائل حملي جي سخت مذمت ڪئي. هن متحده ع??ب امارات اپران وقت سر ۽ موثر فضائي دفاع سان قيم??ي جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم متحده ع??ب امارات جي قيادت، عوام ۽ حڪو??ت سان يڪجه??ي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تازن حملن تي ڳڻ??ي جو اظهار ڪندي انهن کي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو. وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ سلام??ي جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ ڪوششن جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اعليٰ سطح تي ويجهي ۽ باقاعده مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.