اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف جي جعلي ميڊيڪل رپورٽ پاڪستان جي قانوني نظام جو م??اق اڏائڻ جي برابر آهي، شريف فيملي جعلي ميڊيڪل رپورٽس موڪلڻ جو سلسلو بند ڪري، نواز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪستان جي مانهن کي پئسا واپس ڪري. اها ڳالهه هن نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي حوال?? سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف جي حوال?? سان هڪ دل??سپ ميڊيڪل رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ان رپورٽ ۾ واشنگٽن ۾ رهندڙ ڊاڪٽر شال لنڊن ۾ رهندڙ نواز شريف جي باري ۾ لکيو آهي ته هو دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ ڪووڊ 19 جي ڪري نواز شريف جي حالت اهڙي نه آهي ته هو پاڪستان جو سفر ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پاران آمريڪا ۾ ويهي پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان ميڊيڪل رپورٽون تي??ر ڪرائي پاڪستان موڪلڻ پاڪستان جي عدالتي نظام ۽ قانونن جو م??اق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته نواز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪستان جي عوام جو پئسو واپس ڪري، ان کانپوءِ هو لنڊن ۾ رهي، جعلي رپورٽون موڪلڻ سان ان جو مقصد پورو نه ??يندو. وفاقي وزير چيو ته رپورٽ ۾ صرف اها ئي کوٽ آهي ته نواز شريف کي هائيڊپارڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي جاءِ تي واڪ ڪرڻ جي به اجازت نه آهي، ان سان ان جي اسٽريس ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته شريف فيملي جعلي رپورٽس تي??ر ڪرائي پاڪستان موڪلڻ کان پاسو ڪري، شريف فيملي قانوني رستو اختيار ڪري ۽ پاڪستان جي ماڻهن جو پئسو واپس ڪري. هن چيو ته اميد ڪريون ٿا ته عدليه اهڙين جعلي رپورٽس جو سخت?? سان نوٽيس وٺندي ۽ وقار بحال ڪندي.