بيجنگ – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پ??چي ويو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب چين جي سفير ووجائي ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق وزيرا??ظم جو هوائي اڏي تي استقبال ڪيو. وزيرا??ظم بيجنگ ونٽر اولمپڪس 2022ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ صدر شي جنگ پنگ ۽ وزيرا??ظم لي ڪي چيانگ سان ٻطرفي معاملن تي ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي سي پيڪ فريم ورڪ تحت واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ بابت م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ ??هم علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ ايندا. ان موقعي تي وزيرا??ظم چين جي مشهور ڪاروباري اڳواڻن، مشهور ٿنڪ ٽينڪس، دانشورن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان آن لائن ملاقاتن کانسواءِ اهم ٻطرفي ملاقاتن ۾ به شريڪ ٿيندو.