اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي ??ڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ جامع ايگريڪلچر انفارميشن پلان ٺاهيو ۽ ان کي ترجيح بنيادن تي لاڳو ڪري رهي آهي، اسان جي ??ڪومت جو ڌيان برآمدي صنعتن جي قيام لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ??دارت هيٺ ترجيحي شعبن تي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته زراعت جي ??عبي جي ميڪانائيزيشن، معياري ٻج جي فراهمي، پاڻي جو موثر انتظام ۽ لائيو اسٽاڪ فارمنگ ۾ آبادگارن جي مدد ان کي وڌيڪ پيداوار ڏيڻ واري معاشي شعبي ۾ تبديل ڪري رهي آهي، ڪسان ڪارڊ متعارف ڪرائڻ، ڀاڻ تي سبسڊي ۽ مال جي نسل جي ??هتري سان گڏ حڪومت جو مقصد گذريل سال جي ??ڪارڊ پيداوار جي مقابلي ۾ هن سال اڃان به وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ آهي، هن چيو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي ڌيان ڏيڻ جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن جي وڌند?? سيڙپڪاري ان اعتماد جو نتيجو آهي، جيڪا حڪومت پنهنجي موثر پاليسي قدمن سان حاصل ڪيو آهي. اجلاس ۾ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پلان ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي ??والي سان عملدرآمد تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم کي ايگريڪلچر ٽرانسفارنيشن پلان تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته معياري ٻج جي فراهمي لاءِ منظوري کانپوءِ فنڊن جي فراهمي جو عمل تيزي سان جاري آهي، چوپائي مال جي پيداوار وڌائڻ ۽ جنياتي بهتري لاءِ سيمن جي ??رآمد جي ??ي به ڪم تيزي سان جاري آهي، مال پاليندڙ ڀاڳين جي مدد لاءِ پنجاب ۾ 9211 سروس بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ به جلد بحال ڪئي ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته زراعت ۾ جديد مشينري جي ??ستعمال ۾ مدد جو منصوبو به تقريبن مڪمل آهي ۽ مشينري ورهائڻ جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو، مشينري جي ??ستعمال سان نه رڳو في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ٿيندو پر آبادگارن جي في ايڪڙ مجموعي لاڳت ۾ به گهٽتائي ايندي، زرعي مدد لاءِ انفارميشن ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ??و نظام به پڄاڻي جي ويجهو آهي جنهن تحت آبادگارن ۾ آگاهي پکيڙي ۾ به مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته زرعي شعبي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ تحقيقي ادارن ۾ تجويز ڪيل سڌارن جو لاڳو به تيزي سان جاري آهي، ان ڳالهه لاءِ چين جي ??يگريڪلچر ريسرچ اڪيڊمي جي ??عاون سان زرعي جدتون متعارف ڪرايون وينديون وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته زرعي تحقيق ۾ ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافي ۽ درآمدي فصلن جي ??عارف ۽ پيداوار تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي، جهينگي جي فارمنگ لاءِ پنجاب ۽ بلوچسان ۾ هيچريز قائم ڪيون ويون آهن جنهن جو افتتاح جلد ڪيو ويندو. زيتون جي 20 هزار ايڪڙ تي پوکي لاءِ ٻوٽن جي ??رآمد شروع ڪئي وئي آهي، وزيراعظم کي يوريا ۽ ڊي اي پي جي ??خيرن اندوزن ۽ ناجائز منافع خورن جي ??لاف آپريشن ۽ اسمگلنگ جي ??وڪٿام لاءِ قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بنائڻ ۽ ڀاڻ جو ذخيرو ڪندڙن ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن جي ??لاف ڪارروائي کي تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، خصوصي اقتصادي زونز جي ??والي سان بريفنگ ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت ننڍا وڏا 21 اڪنامڪ زونز فعال آهن، علامه اقبال انڊسٽريل سٽي، رشڪئي، ڌاٻيجي ۽ بوستان چار وڏا اڪنامڪ زونز آهن، سيڙپڪار بورڊ پاران ون اسٽاپ شاپ ماڊل تيار آهي جنهن جو افتتاح جلد ڪيو ويندو، ون اسٽاپ شاپ سيڙپڪارن کي بجلي، گئس پاڻي ۽ تعميراتي پرمنٽ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارن مان منظورين لاءِ هڪ گڏيل ڪمپلائينس رجيم به بڻايو ويو آهي، اجلاس ۾ اين او سي ۽ مپلائنس جي منظوري لاءِ مينيجمينٽ ڪمپنيز جي ??جويز به پيش ڪئي وئي، وزيراعظم قدمن تي جلد کان جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.