اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته صرف هلندڙ سال غير ملڪي قرضن جي ادائيگي 12.27 ارب ڊالر آهي ۽ تقريبن 12.5 ارب ڊالر جي ادائيگي 20.23ع ۾ ڪرڻي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??اڪستان تحريڪ انصاف جي پنج سالن ۾ مجموعي طور تي قرضن جون ادائيگيون تقريبن 55 ارب ڊالر هونديون جڏهن ته ?? ليگ پنهنجي پنج سالن ۾ 27 ارب ڊالر جي ادائيگيون ڪيون. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ رانا عمران سليم جي ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ??اڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ ڪارڪن ذاتي اختل??فن کي پاسي تي رکن ۽ عمران خان جي قيادت ۾ پاڻ کي منظم ڪن، هن وقت جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڪمزور ٿي ته ??لڪ بگهڙن جي هٿ لڳي ويندو.