اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) افعانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد ??فغ??نستان کي خوشحالي??َ جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ علائقائي واپار ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ضرورت پوندي. پاڪ- چين اقتصادي راهداري بيلٽ اي??ڊ روڊ انيشي اي??و وڌيڪ فعال راهدارين مان هڪ آهي، جنهن تحت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاري زراعت، صنعت ۽ سماجي اقتصادي خوشحالي جي منصوبن جي ٻئي مرحلي ۾ 60 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. اخبار موجب بيلٽ اي??ڊ روڊ اني ايشٽو ڊگهي مُدي واري اقتصادي ۽ ڍانچي جي ترقي جي رٿا آهي جيڪا مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي جنهن جو مقصد انسانيت جي گڏيل مستقبل سان گڏوگڏ هڪ برادري??َ جي تعمير ڪرڻ آهي. ان ۾ ??فغ??نستان ۾ اُتان جي برادري??َ جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيندڙ سمورو مڪينزم موجود آهي. هوڏانهن طالبان ترجمان ۽ سياسي ڪميشن جي سربراهه ??فغ??ن عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ چين سان ڀائيواري??َ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته طالبان عالمي سيڙپڪاري??َ جي آجيان ڪري رهيا آهن ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڀري رهيا آهن ته اهي ??فغ??نستان ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکن، جڏهن ته پنهنجي پاڙيسرين خاص طور تي چين ۽ پاڪستان کي يقين ڏياريو آهي ته اهي دهشتگردن کي ??فغ??ن ڌرتي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، جيڪڏهن طالبان پنهنجا وعدا پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ان سان پوري خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقيءَ کي هٿي ملندي.