اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ نسلن کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ ۽ ان جي غير قانوني واپارر کي روڪڻ ل??ءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ان حوالي س??ن حڪومت پاڪستان جون ترجيحون واضح آهن، اسان منشيات جي ضبطي ۽ سرحدن جي نگراني جي موثر نظام جي ذريعي منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ ل??ءِ پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل آهيون، منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته منشيات جي خاتمي وارو عالمي ڏينهن هر سال 26 جون تي عالمي اڳواڻن، عالمي ??را??ري، عالمي اتحاد ۽ انجمن سميت سڀني ل??ءِ هڪ يادگيري جي ڏينهن جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته اسان گڏيل ڪوششن سان منشيات جي غير قانوني واپار کي روڪڻ ل??ءِ پنهنجون گڏيل ??ميداريون ادا ڪريون. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان منشيات جي اسمگلنگ جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ڇو ته ان سان عوام جي صحت کي س??ت خطرا درپيش آهن، منشيات جي استعمال ۽ ان جي غير قانوني اسمگلنگ جي روڪٿام ل??ءِ موثر قدم حڪومت پاڪستان جي اولين ترجيح آهن.