اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان عملي قدمن سان وزيراعظم ع??ران خان گلوبل ليڊر جي طور تي سامهون آيو آهي، هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو چئلينج پورو ڪرڻ کانپوءِ هاڻي 10 ارب وڻ لڳائڻ جو چئلينج به پورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هن سال عالمي ماحولياتي ڏينهن جي ميزباني به پاڪستان ڪري رهيو آهي، ه?? چيو ته گرين ڊپلوميسي دنيا سان لاڳاپن جا نوان رستا ٺاهي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪلين انرجي ۽ ڊيمز ٺاهڻ جي لاءِ پهرين 500 ملين ڊ??لرز گرين يورو بانڊ فنانسنگ به منظور ٿي چڪي آهي، ورلڊ اڪ??امڪ فورم، بون چئلينج سميت عالمي ماحولياتي فورمز پاڪستان جي پذيرائي ڪري رهيا آهن.