اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي اهميت تي ??وشني وجهندي چيو آهي ته پاڪستان ان منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ پرعزم آهي، غربت ج?? خاتمي ۽ ترقي لاءِ چين جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران غربت ج?? خاتمي جي چين جي تجربي، ڪووڊ – 19 جي صورتح??ل ۽ گڏيل لاڳاپن تي ??ه ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ملڪ مان غربت ج?? خاتمي ۽ هدفن کي ڪاميابي سان حاصل ڪرڻ تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان چين جي غربت ج?? خاتمي ۽ ترقي جي انهن تجربن مان فائدو کڻڻ لاءِ کائنس سکڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڪورونا جي ٽئين شديد لهر درپيش آهي ۽ حڪومت ان کي م??هن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي ۽ سڄي م??ڪ ۾ ان وبا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن لاءِ منصوبي تي ??مل پيرا آهي. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته پاڪستان جي عوام چين جي صدر شي جن پنگ جي پهرين فرصت ۾ پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.