اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عورتون خاص طور تي خصوصي ماڻهن کي تعليم جي ذريعي ئي معاشري جو فعال فرد بڻائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن معاشري جو مرد عورتن سان تعاون ڪ??ي ته معاشري جي عورت اڳتي وڌي سگهي ٿي، هر قسم جي صنفي فرق جي خاتمي سان ئي عورتن جو تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، قومي اسيمبلي ميمبرن، سفارتڪارن، سول سوسائٽي ۽ جسماجي طور تي معذور عورتن وڏي ا??گ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عورت پارليامينٽ جي گروپ وومن ڪ??ڪس جي سربراهه منزه حسن چيو ته وومن ڪ??ڪس جو ڪردار انتهائي ا??م آهي ۽ اسان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ج?? لاءِ ۽ معاشري ۾ معذور عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون. وومن ڪ??ڪس ان سلسلي ۾ پارليامينٽ کي قانونسازي تجويز ڪندي. هن چيو ته عورتن ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، بينظير ڀٽو ۽ فاطمه جناح سميت پاڪستان جي قومي تاريخ ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي واکاڻ ج??ڳو رهيو آهي، ڪورونا جي ڏينهن ۾ عورتن پنهنجي خاندانن کي پنهنجي روين ۽ سپورٽ سان جيڪو سهارو ڏنو ان جو مثال نٿو ملي. اسپيڪر اسد قصر جي ڌيءَ ذاله قيصر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ ج?? مقصد سمورين عورتن کي ڪنهن به قسم جي صنفي فرق کانسواءِ زندگي جا سمورا موقعا ڏيڻ ج?? لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ آهي، عورت اڳواڻن کي اڳتي آڻڻ ج?? لاءِ اسان کي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو. ملڪ جو آئين به خصوصي ماڻهن کي سمورن بنيادي حقن جي فراهمي تي زور ڏنو آهي. هن مطالبو ڪيو ته گونگن، ٻوڙن ماڻهن جي لاءِ ڊرائيونگ لائسنس ڏ??نه?? ڌيان ڌنو وڃي ۽ اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو تاحيات هجڻ گهرجي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي موقعن ۾ شرڪت ۽ تفريحي سرگرمين ۾ اضافو ڪيو وڃي. ميڊيڪل جي شاگردياڻي ثناءُ خورشيد چيو ته موٽر وي حادثي جي نتيجي ۾ هو جسماني طور تي معذور ٿي وئي آهي پر هن تعليم جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ڇو ته مون کي ا??و محسوس ٿيو ته عورتن کي وڌ کان وڌ بااختيار بڻائڻ ۾ تعليم ئي ا??م ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. غير سرڪاري تنظيم اسٽيپ جي ڊائريڪٽر عاطف شيخ چيو ته هتي اسان عورت اڳواڻن جي ڪردار تي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اسان کي خصوصي ماڻهن جي مائرن کي به خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي ڇو ته ??نه?? کي به تمام وڏن دردن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، هن چيو ته اسان کي معاشري کي ا??ڙو بڻائڻ گهرجي جنهن ۾ خصوصي ماڻهن جي معاشرتي ضرورتن تائين پهچ يقيني بڻائي سگهجي. موجوده حڪومت جو ان حوالي سان ڪ??دار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيل چيئر جي ا??ڊرسٽري جي سهولت ڏني وڃي. ڊاڪٽر عائشه سليم چيو ته آئون پوري طرح نٿي ڏسي سگهان، رڳو انڌيري ۽ روشني ۾ تميز ڪرڻ ج?? حد تائين منهنجي نظر ڪم ڪندي آهي، الله تعاليٰ جي ڪرم، والدين ۽ استادن جي رهنمائي سان مون پي ا??ڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي معاشري جي حيثيت سان خصوصي ماڻهن جي ضرورتن جو خيال رکڻو پوندو. هن چيو ته اهڙن ماڻهن جي تعليمي ضرورتن جي لاءِ حڪومتي سطح تي ا??زارن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ قدم کڻڻ ج?? ضرورت آهي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته معذور عورتن جي پارليامينٽ ۾ نمائندگي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته جنهن معاشري جو مرد تعاون ڪ??ي ٿو ته ان معاشري جي عورت اڳتي وڌندي آهي. يو اين ايف پي ا?? جي نمائندي لينا موسيٰ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو خصوصي ماڻهن جي سپورٽ جي حوالي سان قدم واکاڻ ج??ڳو آهي، هن چيو ته اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اسان صنفي فرق جي خاتمي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ج?? لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن. ڪوورنا جي صورتحال دوران پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. ان حوالي سان به اسان کي پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. خصوصي ماڻهن کي حقيقي معنيٰ ۾ اهڙي طرح سهارو ڏئي سگهجي ٿو جڏهن اسان ??نه?? جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪنداسين، هن قومي اسميبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پاڪستان جي حڪومت پاران خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني طور تي معذور عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ ج?? لاءِ قدمن جي واکاڻ ڪئي.