صوابي – 13 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پاڪستان جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي، عوام جي ڀرپور تعاون سان اهو ممڪن ٿ??و، وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم جي محنت جي ڪري پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري آئي آهي، ورلڊ اڪنامڪ فورم سميت دنيا جا ٻيا ادارا پاڪستان جي معيشت جي بهتري جي واکاڻ ڪري رهيا آهن، هن وقت ملڪ ۾ وچولو طبقو اقتدار ۾ آهي، ا??ان عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ نرسنگ ۽ وبائي مرضن جي انسٽيٽيوٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.