اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گهرو ??زير کي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ ترميم ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ جي اجازت ڏئ?? ڇڏي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. سي ڊي اي چيئرمين ڪابينا کي مارگلا روڊ اسلام آباد تي قبضن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي. دفاع واري وزارت ان ڏس ۾ ڪابينا جي هدايتن تي مڪمل عملدرآمد ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ڪابينا يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي سمورن ملاز??ن تي پاڪستان ايسينشل سروسز مينٽيننس ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ ??ي وڌيڪ 6 مهينن جي لاءِ منظوري ڏني.