اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ م??جو??ه حڪومت عورتن جي برابر حقن کي يقيني بڻائڻ جي ايجنڊا تي گامزن آهي، اسلامي تاريخ، آزادي جي تحريڪ ۾ عورتن جو مثالي ڪردار رهيو، جرنلسٽ پر??ٽي??شن بل ۾ عورت صحافين جي حقن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، عورتن جي حقن جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي لاءِ مذهبي، ثقافتي قدرن ۾ رهندي ذهن سازي ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، سائبر ڪرائم، هراسان ڪرڻ ۽ ٻين وڌندڙ منظم ڏوهن تي ??ابطو آڻڻ جي لاءِ قانونسازي سميت ٻيا قدم کنيا پيا وڃن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته عورتن کي معاشرتي ??حفظ حاصل هجي. هو ايوان صدر ۾ عورتن جي حقن بابت تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.