اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي جمهوريه سوڊان جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر علي يوس?? احمد الشريف ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس پ??را?? جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سوڊان جي عوام سان پاڪستان جي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواه?? جو اظهار ڪيو ۽ سوڊان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو يقين ڏياريو.