اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) صنعت پيداوار ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽيءَ بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته کنڊ جي قيمت 140 رپين جي حد کان گهٽ آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ??ن چيو ته کنڊ جي ريٽيل قيمت 130 ۽ هول سيل 125-124 رپيا آهن. چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي کنڊ جي قيمتن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ غلط ڄاڻ ن?? ڦهلائين، کنڊ جي قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ حڪومت جا اثرائتا قدم جاري آهن. عوام کي خاطري ڪرائي وئي ته کنڊ جي قيمتون قابو ۾ آهن.