اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان انوويسٽا پرائيويٽ لميٽيڊ (ٽي ٽي ڪمپني) جي وفد جي سي اي او هشام سرور جي اڳواڻي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ٽي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي آءِ ٽي جي ??ها??تن سان ڳنڍڻ بابت تفصي??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد مملڪتي وزير کي انوويسٽا ڪمپني جي ورڪنگ ۽ مقصدن بابت بريف ڪيو. هن مملڪتي وزير شزه فاطمه کي آگاهه ڪيو ته انوويسٽا پرائيويٽ لميٽيڊ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو هڪ قدم آهي جيڪو وڏي پئماني تي آءِ ٽي اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرامن، ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري جي سهولت ۽ انوويشن ذريع?? قومي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ پنهنجو حصو وجهي رهي آهي. وفد چيو ته انوويسٽا ملڪ ج?? نوجوانن کي آءِ ٽي جي ??ها??تن سان ڳنڍڻ ۽ انهن جي ترقي لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿو. مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه انوويسٽا جي آءِ ٽي جي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ ۽ مستقبل جي منصوبن کي ساراهيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ ج?? نوجوانن کي جديد ترين ڊجيٽل ??ها??ت سان ڳنڍڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن اهي بهتر روزگار حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته اهو تمام ضروري آهي ته سموري ٽريننگ جي نتيجي ۾ تربيت يافته ماڻهن کي مارڪيٽ ۾ آساني سان روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. هن چيو ته آءِ ٽي واري وزارت ملڪ ج?? نوجوانن کي آءِ ٽي جي ??ها??ت سان ڳنڍڻ جي ڪوششن ۾ انوويسٽا کي م??مل سپورٽ فراهم ڪندي.