اسلام آباد- 09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن اڱا??ي 10 ڊسمبر تي ملهايو ويندو. اهو ڏينهن ا??ساني حقن جي عالمي پڌرائي (يو اين ا??چ آر) جي سالگره جي موقعي تي ملهايو ويندو آهي. ان تاريخي دستاويز ۾ نسل، رنگ، مذهب، جنس، ٻولي، سياسي يا ٻي راءِ، قومي يا سماجي حقيقت، ملڪي??، پيدائش يا ٻي حيثيت کي هڪ پاسي رکندي انهن حقن کي شامل ڪيو ويو آهي جن جو هر شخص انسان طور حقدار آهي. هلندڙ سال انساني حقن جي ڏينهن 2024ع جو موضوع ”اسانجا حق، اسانجو مستقبل“ چونڊيو ويو آهي. انساني حقن جو ڏينهن 2024ع ٻارن، نوجوانن وچ ۾ انساني حقن، تعليم کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي ٿو جيڪو ننڍي عمر کان ئي برابري، انصاف ۽ وقار جي قدرن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي ا??اگر ڪري ٿو. ان ڏينهن جو اعلان 10 ڊسمبر 1948ع تي پيرس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪيو هو ۽ ان ۾ پهريون ڀيرو بنيادي انساني حقن جو عالمي طور تي تحفظ ڪيو ويو هو. انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ عير سرڪاري ۽ نجي ا??ارن جي انتظام هيٺ تقريبون منعقد ڪيون وينديون.