اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪست??ن جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جي ڪري معاشي ترقي جو سفر جاري آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدا حقيقت جو روپ اختيار ڪري رهيا آهن، سيڙپڪاري جو فروغ ۽ معاشي تعاون ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزي??اع??م محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات انتهائي اهم رهي، پاڪ سعودي لاڳاپن هڪ نئون موڙ اختيار ڪري ورتو آهي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي تازي سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزي??اع??م محمد شهباز شريف سعودي عرب جو ڪامياب دورو مڪمل ڪري وطن واپس اچي ويو آهي، وزي??اع??م جو دورو انتهائي اهميت وارو رهيو. هن چيو ته گذريل 6 مهينن دوران سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي پنجين ملاقات هئي. وفاقي وزير چيو ته مختصر عرصي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ تمام گهڻي بهتري آئي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدا حقيقت جو روپ اختيار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سعودي عرب جا وڏا منصوبا پاڪستان ۾ شروع ٿي رهيا آهن، سعودي عرب سان 28 ايم او يوز تي صحيحون ٿيون هيون جن مان 8 منصوبن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته وزي??اع??م سعودي عرب ۾ واٽر سمٽ کي خطاب ڪيو ۽ فرانس جي صدر ميڪرون سان پڻ ملاقات ڪئي. هن چيو ته وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ ولي عهد جي وچ ۾ گذريل ڏينهن تاريخي ملاقات ٿي. پاڪ سعودي لاڳاپن هڪ نئون موڙ اختيار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته وزي??اع??م محمد شهباز شريف جو سيڙپڪاري تي ڀرپور ڌيان آهي. حڪومت جي معاشي قدمن سان پاڪستان ۾ 6 سالن کانپوءِ مهانگائي 4.8 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ لک پوائنٽس جي حد عبور ڪري وئي آهي، وياج جي شرح 15 سيڪڙو ۽ ڪائيبور 13 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، مهانگائي 6 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت دور??ن جتي دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿيا اتي انهن جو معيشت تي به ڪو ڌيان نه هو. اڄ سڄي دنيا جا اڳواڻ پاڪست??ن جي معاشي بحالي ۽ ترقي کي ساراهي رهيا آهن، معيشت ترقي ڪري رهي آهي، سمورا معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته سڄي دنيا مان اڳواڻ پاڪستان اچي رهيا آهن، تازو ئي بيلاروس جو صدر پاڪست??ن جو دورو مڪمل ڪري ويو. وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب جي ولي عهد سدائين گرمجوشي جو مظاهرو ڪيو، هو پاڪست??ن جي لاءِ سٺا تاثر رکي ٿو، وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي ساڻس ملاقات غيرمعمولي رهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. سعودي قيادت پاڪستان حڪومت پاران منصوبن جي شروعات تي اطمين??ن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته سيڙپڪاري جو فروغ ۽ معاشي تعاون ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ايندي، روزگار پيدا ٿيندو، مهانگائي گهٽ ٿيندي، عوام کي ريليف ملندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪست??ن جي پرڏيهي پاليسي تمام گهڻي ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان مشڪل وقت جا ساٿي آهن. وزي??اع??م محمد شهباز شريف خادم الحرمين الشريفين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ مثالي تعلق کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته وزي??اع??م جو سعودي عرب جو دورو هڪ اهم سنگ ميل هو. وزي??اع??م واٽر سمٽ ۾ پاڪست??ن جو ڀرپور موقف پيش ڪيو، اتي انڊس وا??ر ٽريٽي جي پڻ ڳالهه ڪئي ۽ پاڪست??ن جي اهميت ۽ ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته سعودي عرب سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ پاڪست??ن جي معيشت وڌيڪ ترقي ڪندي.