اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ سان پاڪ??تا?? جي دؤري تي آيل بيلاروس جي انصاف واري وزير ويلينڪو ايوگيني ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قان??ني تعليم ۽ بار ڪائونسلن/ايسوسيئيٽ جي مٽاسٽا ۾ سهڪار لاءِ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ويو. ڪالهه جاري بيان موجب وفاقي وزير ۽ بيلاروس جي انصاف واري وزير وچ ۾ ملاقات ۾ گڏيل جذبي ۽ آڌرڀاءُ جي جذبي جو اظهار ڪيو ويو ۽ ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻه طرفي گڏيل ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. بيلاروس جي وزير، بيلاروس ۾ انصاف واري وزارت جي دائره ڪار ۽ مينڊيٽ ۽ ٻه طرفن معاهدن جي امڪانن تي روشني وڌي، جنهن جي اهم نُڪتن ۾ قان??ني نظام جي ڊجيٽلائيزيشن، وڪيلن جي سگهه ۾ واڌ، قان??ني تعليم ۽ آگاهي، قانون سازيءَ جو مسودو تيار ڪرڻ ۽ عالمي سهڪار، بار ڪائونسلن/ايسوسيئيٽ جي مٽاسٽا، عالمي ٽياڪڙي ۽ ٽياڪڙي مرڪز (آءِ ايم اي سي) ۽ ڪيس اسائنمينٽ اينڊ مئنجمينٽ سسٽم (سي اي ايم ايس) شامل هئا. ان ملاقات دوران بيلاروس جي وزير طرفان اعظم نذير تار?? ۽ ??ندس ٽيم کي بيلاروس جي دؤري جي دعوت ڏني جنهن جو مثبت جواب ڏنو ويو. وفاقي وزير گذريل معاهدن ۽ ايم او يوز ۽ مستقبل ۾ سهڪار تي ه?? جامع بريفنگ ڏني. ٻنهي وزيرن قان??ني تعليم ۽ بار ڪائونسلن/ايسوسيئيٽ جي مٽاسٽا ۾ سهڪار لاءِ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ آءِ ايم اي سي ۽ سي اي ايم ايس ۾ مستقبل جي سهڪار لاءِ امڪاني شعبن جو جائزو و??تو. بيلاروس جي وزير نتيجو ڏيندڙ مڪالمي ۽ آڌرڀاءُ سان مهمان نوازي جي تعريف ڪئي. ٻنهي وزيرن يادگاري شيلڊز جي مٽاسٽا ڪئي جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. روشن مستقبل جي گڏيل ويزن سان اها ملاقات پاڪ??تا?? ۽ بيلاروس جي ناتن جي هڪ نئين باب جي شروعات آهي.