رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت جي لاءِ سعودي عرب ۾ روزگار جي موقعن جي حوالي سان جلد وڏ?? اڳڀرائي متوقع آهي. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ ايڊوائيزر رائل ڪورٽ محمد التويجري عرب – اسلامڪ سمٽ جي موقعي تي ملاقات ??ئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي اقتصادي تعاون جي حوالي سان اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. وزي??اع??م خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزي??اع??م شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو فورم جي موقعي تي سعودي ولي عهد ۽ وزي??اع??م شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي. وزي??اع??م چيو ته سعدوي سيڙپڪاري واري وزير جو تازو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل هو. وزي??اع??م ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سعودي سيڙپڪاري واري وزير جي پاڪستان جي دوري ۾ تعاون جي 2.8 ارب ڊالر جي جن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون انهن مان 8 تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزي??اع??م عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي انعقاد تي سعدوي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي شاندار ميزباني تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان مان وڏي انگ ۾ هنرمند افرادي قوت جي لاءِ سعودي عرب ۾ روزگار جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزي??اع??م چيو ته ان حوالي سان جلد هڪ وڏ?? اڳڀرائي متوقع آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وسيع تر تعاون عملي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ پاڪ – سعودي بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ سعودي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه نئين سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪئي آهي ۽ پاڪستان سان اقتصادي تعاون کي گهرو ڪيو آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي ٿيندڙ اڳڀرائي پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزي??اع??م سعودي قيادت جي ويزن 2030ع کي ساراهيندي پاڪستان پاران ان جي ڀرپور حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م چيو ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزي??اع??م جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.