اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان ڀارت جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪشميري سياسي قيدين جي خراب حالت تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آبا?? ۾ ??نهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪشميري سياسي قيدين جي خراب حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته انهن مان ڪيترائي ماڻهو جيلن ۾ غيرانساني حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن ۾ پرهجوم قيدين وارن سيلز ۾ قيد ڪرڻ، علاج جي ضروري سهولتن کان انڪار ۽ مناسب ڪارروائي کانسواءِ مسلسل حراست ۾ رکڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڀريون ٿا ته اهي سمورن سياسي قيدين، ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جي خلاف هٿ ٺوڪيا الزام ختم ڪن ۽ انهن کي فوري طور تي آزاد ڪن. هن چيو ته پ??ڪس??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردا??ن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ بلوچس??ان ۾ ڀارتي سرگرمين تي پڻ خدشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته بلوچس??ان ۾ دهشتگرد حملي جي جاچ جاري آهي جنهن ۾ ڪيترائي شهري مارجي ويا آهن. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ هڪ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جاديو کي بلوچس??ان مان گرفتار ڪيو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارت پاران پ??ڪس??ان ۾ چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي پڻ ردعمل ڏيندي چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪرڪيٽ تي ڪا به بيڪ ڊور ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي.