اسلام آباد – 04 – نومبر (ا?? پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پنجاب اس??مبلي پريس ڪميٽي جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، غيرجانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير خواجه نصير کي بنا مقابلي صدر ۽ عدنان شيخ کي بنا مقابلي سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وفاقي وزير چيو ته پنجاب اس??مبلي پريس گيلري ڪميٽي جو صحا??ين سان مضبوط تعلق آهي، اطلاعات واري وزارت جا دروازا سدائين صحا??ين جي لاءِ کليل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير ان ام??د جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار پنهنجي ساٿي رپورٽرز جي اميدن تي پورو لهندا.