اسلام آ??اد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سي ??يڪ تحت جاري رٿائن جي اهميت کي ??جاگر ڪندي چيو آهي ته اهي منصوبا پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقيءَ جا ضامن آهن ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جنهن ۾ سي ??يڪ جي جاري رٿائن جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس منظور سمرا، جوائنٽ چيف اڪناماسٽ آپريشنز ظفر الحسن ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير سي ??يڪ تحت پنج ساله ترقياتي منصوبي جي ڪاميابيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سمورن صوبن جي شم??ليت ۽ ترقيءَ جي برابري وارن موقعن تي زور ڀريو.هن هدايت ڪئي ته سي ??يڪ فيز ون، سي ??يڪ فيز ٽو جهڙن اهم جُزن کي ??امل ڪندي سمورين راهدارين کي مربوط بڻايو وڃي ته جيئن اهي منصوبا پنهنجي مقرر هدفن مطابق مڪمل ڪري سگهجن. وفاقي وزير ايم ايل ون (ملتان کان پشاور ريلوي لائن) ۽ ڪي ڪي ايڇ (قراقرم هاءِ وي) جهڙن اهم منصوبن جي وقت سر تڪميل تي خاص زور ڀريو ۽ هدايت ڏني ته انهن منصوبن جي باقاعدگي سان نگراني ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائي سگهجي. احسن اقبال سي ??يڪ منصوبي جي اهميت کي ??جاگر ڪندي چيو ته اهي منصوبا پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقيءَ جا ضامن آهن ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.