اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪور?? بار ايسوسيئيشن جُون صدارتي چونڊون کٽڻ تي نئين چونڊيل صدر ميان رئوف عطاءَ ۽ انڊيپنڊنٽ گروپ جي سربراهه احسن ڀون کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوان چونڊيل عهديدار وڪيل برادري جي مسئلن جي حل سم??ت اهم قانوني ۽ عدالتي معاملن ۾ مثبت ۽ موثر ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??زيراعظم سپريم ڪور?? بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي گروپ جي سم??رن اڳواڻن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پراميد آهيان ته نئين چونڊيل صدر ميان رئوف عطاءَ سم??ت سم??را عهديدار بار ۽ وڪيلن جي ڀلائي جي مشن کي جاري رکندا، وڪيل برادري 26هين آئيني ترميم تي عملدرآمد، آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکندي. هن چيو ته وڪيل برادري جا سم??را ميمبر مبارڪباد جا مستحق آهن جن رئوف عطاءَ جي صورت ۾ بهترين قيادت جي چونڊ ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوان چونڊيل عهديدار وڪيل برادري جي مسئلن جي حل سم??ت اهم قانوني ۽ عدالتي معاملن ۾ مثبت ۽ موثر ڪردار ادا ڪندا.