اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا ۽ گڏيل لاڳاپن جي فروغ ??ي ڏس ۾ پاڪ ڪوريا ڪلچرل گالا جو اهتمام ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشري??ت واري وزارت، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ پاڪستان ۾ ڪوريا جي سفارتخاني ان ثقافتي ??يل?? جو اهتمام ڪيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشري??ت وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز ۽ ڪوريا جو سفير موجود هئا. ڪلچرل گالا دوران ٻنهي ملڪن جي فنڪارن پنهنجي فن جو شاندار مظاهرو ڪيو. پاڪستاني فنڪارن بلال سعيد، نت??شا بيگ، عزير جسوال ۽ خماريان ميوزڪ بينڊ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ڪوريا پاران ڪڪي وانگ تيڪوانڊو ٽيم ۽ ٻين فنڪارن جي پرفارمنس ڪلچرل گالا کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. حاضرين فنڪارن جي پرفارمنس مان ڀرپور محظوظ ٿيا ۽ دل کولي داد ڏني. ڪلچرل گالا ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.