اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر سردار اياز صادق، سپري?? ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نامزدگي لاءِ خاص ڪميٽي جي قيام لاءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رض?? گيلاني، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل کي خط اماڻي ڇڏيا آهن. سومر ڏينهن قومي اس??مبلي سيڪريٽريٽ مطابق اس??يڪر اياز صادق طرفان لکيل ان??ن خطن ۾ آئين جي آرٽيڪل 175 جي ذيلي شق 3 (اي) جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته خاص ڪميٽي ۾ 8 قومي اس??مبلي جا ميمبر ۽ 4 سينيٽ جا ميمبر شامل هوندا. آئين جي آرٽيڪل 175 (اي) جي ذيلي شق 3 (بي) تحت پارليامنٽ ۾ نمائندگي جي تناسب سان پارلياماني ليڊر پنهنجي پنهنجي پارٽي مان خاص ڪميٽي جي قيام لاءِ ميمبر نامزد ڪري. سينيٽ مان به اهڙي طرح خاص ڪميٽي ۾ 4 ميمبر شامل ڪيا ويندا. ڪميٽي سپري?? ڪورٽ جي ٽن سينئر ترين ججن مان چيف جسٽس آف پاڪستان جي نامزدگي ڪندي.