اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڪشمير پاڪست??ني?? جي دلين ۾ رهي ٿو، 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واضح پيغام ڏنو ويندو. جاري ڪيل بيان مُوجب انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشمير پاڪست??ني?? جي دلين ۾ رهي ٿو، 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واضح پيغام ڏنو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڀارت والا??يل ڪشمير تي ڏاڍ طور قبضو ڪري رکيو آهي جنهن کي ڪشميري عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، والا??يل ڄمون ڪشمير جي معاملي تي آل پارٽيز ڪانف??نس ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي پُختي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جو آواز سڄي دنيا تائين پهچايو ويندو ۽ پاڪستاني قوم ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل تائين سُک سان نه ويهندي. اهو اسان جو قومي فرض آهي ۽ ڪشمير مسئلو زندهه آهي ۽ آزاديءَ تائين اسان جي دلين ۾ زندهه رهندو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي سياسي، اخ??اق?? ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومتن ??ي نمائندن وفاقي وزير کي ڪاري ڏينهن جي تياري بابت بريفنگ ڏني.