اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قزاخستان جي وزيراعظم اولزاس بيڪ تينوف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين ا??لاس جي موقعي تي لاڀائتي ملاقات ٿي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملاقات دوران واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، مواصلات، زراعت، دفاع، تعليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ سرڪاري وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته هن قزاخستان جي صدر کي پا??ستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، پا??ستان ۽ ق??اخستان جي لاڳاپن جي روشن مستقبل جي لاءِ پراعتماد آهيون.