اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف دي هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جو 23هون ٻن ڏينهن وارو سربراهي اجلاس ڪالهه گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ شروع ٿي رهيو آه??، جنهن ۾ تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ميمبرن ۽ ٻين دعوت ڏنل رياستن جي نمائندن جي پاڪستان اچڻ جو سلسلو جاري آه??. وفاقي گاديءَ واري هنڌ جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندڙ حڪومت جي سربراهن واري اجلاس جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان ڪندو. پاڪستان 26 آڪٽوبر 2023ع تي ڪرغزستان جي گاديءَ واري هنڌ بشڪيڪ ۾ ٿيل اجلاس ۾ 24-2023ع لاءِ حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي چيئرمين جي حيثيت سان پنهنجون ذميداريون ورتيون هيون. حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل شنگهائي سهڪار تنظيم اندر اهو ٻيو اعليٰ فورم آه??، جنهن جي بنيادي توجهه سماجي، اقتصادي، واپار ۽ مالياتي شعبن ۾ ميمبر ملڪن وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي آه??. ڪائونسل سال ۾ هڪ ڀيرو اجلاس ڪندي آه?? ته جيئن تنظيم اندر گهڻ رُخي تعاون ۽ ترجيحي شعبن جي حڪمت عملي خيالن جي ڏي وٺ، اقتصادي ۽ ٻين شعبن ۾ بنيادي ۽ ا??م مسئلن جو تعين ڪري سگهجي ۽ ايس سي او جي بجيٽ کي منظور ڪري سگهجي. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن ۾ چين جو وزيراعظم ۽ اسٽيٽ ڪائونسل لي چيانگ، بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولوف چينڪو، قزاخستان جو وزيراعظم اوالزاس بيڪ تينوف، روس جو وزيراعظم ميخائل ميشوسٽن، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده، ازبڪستان جو وزيراعظم عبدالله عاريفوف، ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينه جي چيئرمين ظفروف عقيل بيڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير سبرامنيم جئه شنڪر شامل آه??. ان کان علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور تي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آه?? جنهن جي نمائندگي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسرايي ڪري رهيا آه??. ترڪمانستان جي مهمان طور خاص نمائندگي ترڪمانستان وزيرن جي ڪابينه جو نائب چيئرمين راشد مريدوف ڪري رهيو آه??. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻين اهم شخصيتن ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزايوف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ڪائونسل جو چيئرمين عاطف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس سي او انٽر بئنڪ يونين جو چيئرمين مارات يلي بائوف شامل آه??. وزيراعظم شهباز شريف تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ مه??ان?? جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏين??و. ??لائقائي اڳواڻ اربع 16 آڪٽوبر تي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندا. اجلاس ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوريءَ لاءِ اهم تنظيمي فيصلا پڻ ڪيا ويندا. باضابطه اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳواڻن جي آجيان ڪندو جنهن کان پوءِ گروپ فوٽو سيشن ٿين??و. ??جلاس ۾ شريڪ اڳواڻن جي خطابن کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي آجياڻي وارن جملن سان اجلاس جي ڪارروائي شروع ٿيندي. اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن طرفان مختلف دستاويزن تي صحيحن کانپوءِ وزيراعظم پنهنجي لفظن سان پُڄاڻي ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ سان گڏ ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس جي اهم نقطن ۽ نتيجن بابت ميڊيا کي آگاهي ڏيندا. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن جي اعزاز ۾ اڄ مانجهاندو پڻ ڏيندو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آه?? ته پاڪستان طرفان شنگهائي تعوان تنظيم جي ميمبرن ملڪن جي اڳواڻن جي اجلاس جي ميزباني سان تنظيم جي مقصدن ۽ اصولن لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جي عڪاسي ٿي رهي آه??. 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان سدائين تنظيم جي ميمبر ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ مستقل ۽ تعميري ڪم ڪيو آه??.