ملتان-30 سيپٽمبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ۽ انهن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن سرڪٽ هائوس ۾ پنجاب جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري فواد هاشم رباني سان ??لاقات دوران ڪئي. قومي اسيمبليءَ جو ميمبر علي موسيٰ گيلاني ۽ اڳوڻو ايم پي اي سيد مجتبيٰ گيلاني به ان ??وقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري ان ??وقعي تي سينيٽ چيئرمين کي ڏکڻ پنجاب ۾ جاري رٿائن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. سيد يوسف رضا گيلاني ان ??وقعي تي چ??و ته ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي شفافيت تي ڪو س??جهوتو نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ملتان ۾ جن سرڪاري ادارن جي آفيسرن جون بدليون ٿيون اتي مستقل آفيسر مقرر ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت کي سفارشون موڪليون وڃن. مزارن جي سيڪيورٽي جا به انتظام ڪيا وڃن ۽ قلعه ڪهنه قاسم باغ ۽ ڀرپاسي ۾ حددخلين جو خاتمو ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين ٻُڌا??و ته سندس سفارش تي اٽلي جي حڪومت تاريخي قلعي کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ محفوظ بنائڻ لاءِ 10 ملين ڊالرن جا فنڊز فرا??م ڪيا هئا پر اهي فنڊ به مڪمل طور ??ي خرچ نه ٿي سگهيا جنهن تي ڪم تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.