نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم سان سندس ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم م??مد شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير م??مد اورنگزيب سان ملاقات کانپوءِ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم سان سندس ڳالهه ٻولهه مثبت، فائديمند ۽ تعميري رهي. هن چيو ته ملاقات ۾ پ??ڪستان جي معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي، ٽيڪس نظام ۾ شفافيت ۽ روزگا?? جي نئين موقعن جي فراهمي جي لاءِ آءِ ايم ??يف جي تعاون سان سڌارن جي نئين پروگرامن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ٻنهي اڳواڻن معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ??يف جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.