اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اعلان ڪيو آهي ته صارفين کا?? آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمي??ٽ جي مد ۾ جولاءِ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ 20 پئسا في يو??ٽ گهٽ چارج ڪيا ويندا. ڪالهه نيپرا طرفان جاري اعلان موجب ڊسڪوز جي آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمي??ٽ جي حوالي سان نيپرا هيڊ ڪوارٽر ۾ نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي صدارت هيٺ عوامي ٻُڌڻي مڪمل ڪئي وئي. اعلان موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي جي) ايف سي اي جي مد ۾ 57 پئسا في يو??ٽ جي گهٽتائيءَ جي درخواست جمع ڪرائي هئي. ان جو ڊسڪوز جي سمورن صارفين کا??سواءِ لائن لائيف، پري پيڊ صارف ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنن تي لاڳو هوندو، ان جو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه هوندو. اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کا??پوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي. سي پي پي اي جي ان کا?? اڳ صارفين کا?? جولاءِ جي ايف سي اي جي مد ۾ 37 پئسا في يو??ٽ گهٽتائيءَ سان چارج ڪيو ويو هو، آگسٽ جو ايف سي اي جولاءِ جي ڀيٽ ۾ صارفين کا?? وڌيڪ 20 پئسا في يو??ٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو.