نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ناليوارن پاڪستاني آمريڪن بينڪرز کي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر، توانائي، ٽيڪنالاجي، زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي غيرملڪي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ مستحڪم ميڪرو اڪنامڪ ماحول کي برقرار رکڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وز??را??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ناليوارن پاڪستاني آمريڪن بينڪرز جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جي پي مورگن، نيٽيزس ڪارپوريشنز اينڊ انويسٽمنٽس، سوميٽومو مٽسوئي بئنڪنگ ڪارپوريشن، گولڊ مين سيچن سٽيزنز بئنڪ، ليزارڊ، آوڊيڪس گروپ سميت ناليوارين بئنڪن جا نمائندا شامل هئا. ملاقات دوران وز??را??ظم وفد کي معيشت جي استحڪام ۽ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل اهم قدمن کان آگاهه ڪيو جن ۾ ٽيڪس بيس جي صلاحيت، ڪاروبار ۾ سهولت ۽ فروغ ۽ سرڪاري ادا??ن ۾ جاري سڌارا شامل آهن. وز??را??ظم چيو ته حڪومت جي قدمن جي نتيجي ۾ معاشي انگن اک??ن ۾ بهتري آئي آهي ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسين بسمول فچ ۽ موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ اضافو ٿيو آهي. هن وفد کي هڪ پائيدار مالياتي فريم ورڪ قائم ڪرڻ بابت پن ٻڌايو جيڪو حڪومت کي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽنگ ۾ گرين/ سسٽين ايبلٽي بانڊ جاري ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وز??را??ظم جا ٿورا مڃيندي وفد حڪومت جي پاليسين کي ساراهيو جيڪي پاڪستان ۾ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. وفد روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ مينوفيڪچرنگ سيڪٽر خاص طور تي ايس ايم ايز جي ترقي جي لاءِ حڪومت سان تعاون ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم محمد شهباز شريف آمريڪي بئنڪن کي پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر، توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ مستحڪم ميڪرو اڪنامڪ ماحول کي برقرار رکڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو يقين پڻ ??ياريو.