اسلام آباد – 13 – س??پٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاليسي ريٽ ۽ مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي، زرعي جنسن، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي ??اءِ نوجوانن کي بااختيار بڻائي اس??ن کي هڪ ٿي، گڏيل ڪوششن ۽ واضح سوچ سان اڳتي وڌڻو آهي، آءِ ايم ايف جي 25 س??پٽ??بر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان ايجنڊا ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ ينگ پارليامينٽرينز سان ملاقا?? دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ ۾ 200 پوائنٽس جي گهٽتائي آئي آهي جنهن سان صنعتڪارن، سيڙپڪارن، زرعي شعبي ۽ ڪاروبار سان واڳيل ماڻهن کي ريليف مليو آهي، اميد آهي ته ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي، اهي ٻئي خوش آئنده ڳالهيون آهن، اس??ن جي ??عيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن چيو ته مهانگائي ۾ تيزي سان نمايان گهٽتائي آئي آهي، گذريل سال مهانگائي جي شرح 32 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي 9.6 سيڪڙو آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ??حنت جي ڪمائي سان پرڏيهي ناڻو موڪلي رهيا آهن جنهن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ زرعي جنسن، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ وڌيڪ اضافي جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، انفارميشن ٽيڪنالاجي ??اري مملڪتي وزير پنهنجي ??يم سان گڏ ان ڏس ۾ ڀرپور محنت ڪري رهي آهي، سمورا معاشي انگ اکر مثبت آهن، لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، حالتن جي ڌارا بدلائڻ جو فيصلو ڪندڙ قوتن ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪستان ۾ انهن حالتن کي بدلائڻ جو وقت اچي چڪو آهي، اس??ن کي هڪ ٿي، گڏيل ڪوششن ۽ واضح سوچ سان اڳتي وڌڻو آهي، اس??ن ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي راهه جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ماضي جي غلطين مان سبق سکي عالمي دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪندو، نوجوان نسل جو ان ۾ اهم ڪردار آهي، اس??ن کي سمورن شعبن سان واڳيل نوجوانن کي مڪمل طور تي تعليم يافته ۽ بااختيار بڻائڻو آهي، نوجوانن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي 25 س??پٽ??بر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان ايجنڊا ۾ شامل آهي، اس??ن کي ان پروگرام جي ??اءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ٽيڪس هنيا ويا، پگهاردار طبقي تي بار پيو، مهانگائي گهٽ ٿيڻ سان پگهاردار طبقي تي بار به گهٽ ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ جي دائري کي وڌائڻ جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، واپاري حلال رزق سان روزي ڪمائين ٿا ۽ ملڪي معيشت ۾ حصو وجهن ٿا، انهن کي پنهنجي ??يڪس جي ادائيگي جي ??اءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ڪنهن هڪ شعبي تي ٽيڪس جو بار وجهڻ سان نه معاشرو ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي خوشحال ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته زرعي شعبي سان واڳيل ڪاروباري ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو پيو وڃي، ٽيڪس غبن جي خاتمي جي ??اءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون، قرضن ۽ آءِ ايم ايف سان ان کانسواءِ ڇوٽڪارو نه ملندو، منهنجي ڪوشش آهي ته هي آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام هجي ۽ اس??ن کي ٻيهر آءِ ايم ايف طرف رجوع نه ڪرڻو پوي، ان جي ??اءِ پنهنجي ??دفن کي پورو ڪرڻو پوندو، سعودي عرب، چين، گڏيل عرب امارات اس??ن جا دوست ملڪ آهن، انهن آءِ ايم ايف جي ??روگرام حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون فراهم ڪيو، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم سينيٽر اس??اق ڊار،ن اڻي واري وزير جي سربراهي ۾ ناڻي واري وزارت جي ??يم ان پروگرام جي ??اءِ ڀرپور محنت ڪئي. هن چيو ته پنهنجي ??ير?? تي بيهنداسين ته عزت ۽ وقار ملندو، ان جي ??اءِ اس??ن کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، الله تعاليٰ نيڪ نيتي سان محنت جو ڦل ڏي ٿو، اس??ن کي اهو سبق ملي ٿو ته اس??ن ڪيستائين قرض?? تي هلنداسين، اس??ن کي ان مان جان ڇڏرائڻي پوندي، پوري قوم کي گڏجي ??حنت ڪرڻي پوندي ته جيئن ان ڌُٻڻ مان نڪري سگهون، ان کانپوءِ پوري دنيا ۾ اس??ن جو نالو ٿيندو. ان موقعي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن سميت ينگ پارليرامينٽرينز نظم ۽ ضبط ۽ قانونسازي بابت تجويزون پيش ڪيون جن کي وزيراعظم محمد شهباز شريف ساراهيو.