اسلام آب??د – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي ??ومي هيرو جيولين ٿرور گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم اسلام آب??د پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي ??فاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ارشد نديم جو استقبال ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ارشد نديم کي ڀليڪار چيو ۽ ساڻس گلي مليو. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي ??زير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ سميت ٻيا اڳواڻ به ان موقعي تي ??وجود هئا جن ارشد نديم کي ڀليڪار چيو. ارشد نديم جي فيملي ۽ سندس ڪوچ به گڏ آهن. اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ارشد نديم جي گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪري اسلام آب??د روانو ٿيو. ارشد نديم پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، ارشد نديم پاڪستان جو پهريون انفرادي ايٿيليٽ آهي جنهن گولڊ ميڊل کٽيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ارشد نديم کي ??سٽيٽ گيسٽ جو پروٽوڪول ڏنو ويو آهي. ارشد نديم آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ پڻ شرڪت ڪندو.