اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مسلمان امت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ اتحاد ۽ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪٽر صلاح بن محمد س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آه??. صدر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ثقافتي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آه??. صدر چيو ته سعودي عرب ويجهو دوست آه??، پاڪستان سدائين سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪٽر صلاح بن محمد چيو ته سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي مضبوط حصيداري آه??. هن چيو ته ٻنهي ملن کي اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر صلاح بن محمد س??ودي عرب جي تر??ي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته شهزاده محمد بن سلمان جي شروع ڪيل سڌارن سان سعودي عرب ۾ وڌيڪ تر??ي ۽ خوشحالي ايندي. صدر آصف علي زرداري شهزاده محمد بن سلمان جي جرئتمنداڻي ۽ دورانديش قيادت کي ساراهيندي چيو ته اميد آه?? ته مسجد نبوي ﷺ جي امام جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي.