اسلام آباد – 17 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان بنون ڪنٽونمينٽ ده??تگرد حملي تي افغان ڊپٽي هيڊ آف مشن کي طلب ڪري افغانستان سان شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، ده??تگرد حملي ۾ افغانستان ۾ موجود حافظ گل بهادر گ??وپ ملوث آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته اسلام آباد ۾ افغانستان جي سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري کيس 15 جولاءِ 2024ع تي بنون ڪنٽونمينٽ تي ٿيندڙ ده??تگرد حملي تي پاڪستان پاران احتجاجي خط ڏنو ويو. حملي ۾ 8 سيڪيورٽي اهلڪارن شهادت ماڻي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. اهو ده??تگرد حملو افغانستان ۾ موجود حافظ گل بهادر گ??وپ پاران ڪيو ويو. حافظ گل بهادر گ??وپ تحريڪ طالبان پاڪستان سان گڏجي پاڪستان ۾ ده??تگرد حملن ۾ سوين شهرين ۽ قانون لاڳو ڪن??ڙ اهلڪارن جي موت جو ذميوار آهي. احتجاجي خط ۾ چيو ويو آهي ته عبوري افغان حڪومت بنون حملي جي جاچ ڪري ۽ ان ۾ ملوث شرپسندن جي خلاف موثر ڪارروائي ڪري ۽ افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ حملن جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻي. پاڪستان افغانستان ۾ ده??تگردن جي ٺ??اڻن جي موجودگي تي شدي?? ڳڻتي جو اظهار ڪن??ي چيو ته ان سان پاڪستان جي سلامتي کي شديد خطرا درپيش آهن. ترجمان چيو ته اهڙي قسم جي واقعن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپا پڻ متاثر ٿين ٿا. ترجمان چيو ته بنون ڪنٽونمينٽ حملو هن خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ده??تگردي جي سنجيده خطرن جي ياد ڏياري ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان ده??تگردن جي خلاف مناسب قدمن جو مطالبو ڪن??ي پاڪستان جي سلامتي جي خلاف سمورن خطرن کي منهن ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.