اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت وزيراعظم جي منظوري سان عائشه رضا فاروق کي اعزازي طور تي وزيراعظم جي ??ول??و جي خاتمي بابت فوڪل پرسن م??رر ڪري ڇڏيو آهي. سندس مقرري فوري طور تي ڪئي پئي وڃي. عائشه رضا فاروق وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ??ول??و جي خاتمي جي ڪوششن ۽ تازه ترين صورتحال کان باقاعدگي سان آگاهه ڪندي جڏهن ته صوبائي، ضلعي ۽ وفاقي سطح تي نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران قدم کڻڻ بابت وزيراعظم کي مشاورت پڻ فراهم ڪندي. عائشه رضا فاروق ??ول??و تدارڪ جي حوالي سان قومي ٽاسڪ فورس جي باقاعده ميٽنگ منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي ۽ ??ول??و جي خاتمي جي مهمن جي نگراني سان گڏوگڏ سمورين ڌرين بشمول عالمي حصيدارن کي رهنمائي فراهم ڪندي ته جيئن م??م جي ڪوريج کي بهتر بڻائي سگهجي. عائشه رضا فاروق ??ول??و تدارڪ پروگرام جي مرڪزي سطح تي سمورين سرگرمين جي رهنمائي ڪندي. ماهوار ۽ هفتيوار نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاسن جي صدارت ڪندي. ??ول??و تدارڪ جي حوالي سان نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر سان گڏجي قومي ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. عالمي ترقياتي حصيدارن ۽ ٻين عطيو ڏيندڙ تنظيمن سان ??ول??و تدارڪ جي لاءِ وسيلا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون م??عقد ڪندي ۽ نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت سان ويجهي ر??بطي ۾ ڪم ڪندي ۽ ??ول??و بابت مسئلن جي خاتمي لاءِ وقت سر ۽ موثر ڪردار ادا ڪندي. نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت مٿي ڄاڻايل ٽي او آرز تحت سندس مقرر?? جو باقاعده ??وٽ??فڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.